مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سارا انعام قتل ڪيس: مک جوابدار شاهنواز جي ماءُ گرفتار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سارا انعام قتل ڪيس ۾ مک جوابدار شاهنواز جي ماءُ کي گرفتار ڪيو ويو آھي. سارا انعام جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اياز امير جي اڳوڻي گهر واري جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار شاھنواز جي ماءُ ثمينه شاھ عبوري ضمانت تي ھئي ۽ ھوءَ اڄ پنھنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. ايڊيشنل سيشن جج سھيل شيخ جوابدار ثمينه شاھ جي ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، جنھن تي پوليس عدالتي احاطي مان ثمينه شاھ کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ياد رھي ته گذريل مھيني سينيئر صحافي اياز امير جي پٽ شاھنواز پنھنجي ٽئين گھرواري سارا انعام کي چڪ شھزاد ۾ پنھنجي رھائشگاھ تي قتل ڪيو ھو ۽ واقعي وقت شاھنواز جي ماءُ ثمينه شاھ به گھر ۾ موجود ھئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو