مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روس سونامي ٺاهي پورو ملڪ تباهه ڪرڻ وارو جوهري بم تيار ڪري ورتو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

برطانوي اخبار جي رپورٽ مطابق روس بحري بم يا تارپيڊو ”پوسائيڊن“ تيار ڪري ورتو، جيڪو فائر ٿيڻ کانپوءِ سونامي پيدا ڪري پوري برطانيه کي سمنڊ جي گهرائين ۾ ٻوڙي سگهي ٿو. هر روسي آبدوز اهڙا 6 جوهري تارپيڊو کڻي سگهي ٿي. هي بحري بم وڏن ساحلي شهرن کي مڪمل طور تي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ”پوسيڊن“ نئين قسم جو اسٽريٽجڪ جوهري هٿيار آهي جيڪو تمام گهٽ آواز پيدا ڪري ٿو ۽ آساني سان رخ تبديل ڪري سگهي ٿو. ”پوسائيڊن“ سبب تابڪار سونامي 300 کان 500 ميٽر بلند ٿئي ٿي. هموار زمين تي ان جو اثر 500 ڪلوميٽر گهرائي تائين وڃي ٿو. اپريل 2019 ۾ روسي جوهري آبدوز سيوروڊنسڪ کي جوهري بم پوسيڊن سان ليس ڪري پاڻي هيٺ موڪليو ويو هو جتي ان جو تجربو ڪيو ويو. آمريڪي فوجي اختيارين وڏن ساحلي شهرن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت سبب هن بم کي ”قيامت واري ڏينهن جي مشين“ قرار ڏنو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو