مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بنا ڪنهن فرق جي پاڪستان سڀني جو آهي، انتهاپسنديءَ جي هتي ڪابه جاءِ ناهي: آرمي چيف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته رياست کانسواءِ ڪنهن به اداري يا گروهه کي طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي ڪرڻ جو حق ناهي. رياست کان سواءِ ڪنهن به گروهه جي هٿياربند ڪارروائي قبول نه ڪنداسين. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق مذهبي عالمن ۽ مشائخن سان ملاقات دوران چيف آف آرمي اسٽاف جو چوڻ هو ته بنا ڪنهن مذهبي، صوبائي يا ڪنهن ٻئي فرق جي پاڪستان سڀني پاڪستانين جو آهي. آرمي چيف جي چوڻ مطابق ته ڪنهن جي به خلاف ڪنهن جي به اڻ سهپ ۽ انتهاپسند رويي کي ڪابه جڳهه نه ڏني ويندي. خاص طور تي اقليتن ۽ ڪمزور طبقن خلاف اڻ سهپ ۽ انتهاپسند رويي کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڀني عالمن ۽ مشائخن متفقه طور تي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي مذمت ڪئي ۽ ملڪ ۾ رواداري، امن جي رياستي ڪوششن لاءِ ڀرپور حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو