مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

راڻيپور واقعو: فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه عدالت آڏو پيش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، نينگري جا والدين به عدالت ۾ موجود، پوليس 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي اسد شاهه کي ٻيهر عدالت آڏو پيش ڪيو. ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جي اڳواڻي ۾ پوليس گذريل ڏينهن حويلي ۾ سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 4 ٻارڙين کي بازياب ڪرايو هو. حويلي مان عبدالستار شاهه، مسعود شاهه ۽ بچل شاهه سوڌو 4 ڄڻا به گرفتار. نينگري فاطمه ۽ اسد شاهه سوڌو 4 ڄڻن جا جُزا وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويا. حويلي ۾ معصوم ملازمه فاطمه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ساڻس جنسي زيادتي جي تصديق ٿي چڪي آهي. راڻيپور جي حويلي ۾ ملازمه نينگري کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ سهولتڪاري ڪرڻ تي اڳوڻو ايم ايس به گرفتار. اسد شاهه سوڌو قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن جو انگ 6 ٿي ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو