مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ آدمشماري جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، وقت وڌائڻ جو امڪان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۾ هلندڙ ستين آدمشماري ختم ٿيڻ تي آهي، پر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهو عمل اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڳڻپ جو عمل اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو شماريات کاتي موجب هينئر تائين ڪراچي شهر ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 38 لک جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ هڪ ڪروڙ 9 لک ماڻهو ڳڻپ ٿي چڪا آهن. شماريات کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آدمشماري جو وقت وڌائي سگهجي ٿو. سنڌ جي ٽوٽل آبادي هينئر تائين 4 ڪروڙ 83 لک کان وڌيڪ  ڳڻپ ڪئي وئي آهي. ڪراچي ڊويزن جي هينئر تائين جي آبادي هڪ ڪروڙ 38 لک ڳڻپ ٿي آهي جيڪا اڻ مڪمل آهي. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن هڪ ڪروڙ 9 لک، لاڙڪاڻو ڊويزن 71 لک، ميرپورخاص ڊويزن 46 لک کان وڌيڪ، شهيد بينظير آباد 55 لک ۽ سکر ڊويزن جي آبادي 60 لک شهرين تي ٻڌل آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کي ڊيٽا 30 اپريل تائين اماڻيو ويندو جڏهن ته شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي به بريف ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو