مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئين بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو ويندو: عائشه غوث پاشا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته نئين مالي سال جو بجيٽ 9 جون جي حساب سان تيار ڪيو پيو وڃي. نئين بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو ويندو. ڪوشش هوندي ته عام ماڻهو تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو  ته پاڪستان قانون موجب هلي رهيو آهي. آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان اعتراض جوڳو آهي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آءِ ايم ايف جو مينڊيٽ نه آهي. عائشه غوث پاشا چيو ته قرض پروگرام ۾ دير پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ٻنهي جي مفاد ۾ نه آهي. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي شرطن تي عمل ڪرڻ ۽ پروگرام مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. اميد آهي نئين بجيٽ کان اڳ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. مملڪتي وزير چيو ته 30 جون تي آءِ ايم ايف پروگرام ختم ٿي ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو