مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڄام اويس پاران ناظم جوکيو وارثن کي ديعت جي ادائيگي ڏوهه جو اعتراف آهي: اسپيڪر ۽ ايم پي اي کان وضاحت طلب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وارثن سان ٺاهه تحت آزاد ٿيل ايم پي اي ڄام اويس گهرام کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست تي ايم پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ڄام اويس گهرام جوکيو کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي وڪيل پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايم پي اي ڄام اويس پاران مقتول جي وارثن کي ديعت جي ادائيگي ڏوهه جو اعتراف آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قتل ڪرڻ سبب هو صادق ۽ امين نه رهيو آهي، ايم پي اي کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو