مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاستا، پيزا ۽ ڪجهه ٻيون غذائون دماغي صحت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيوزيلينڊ جي اوٽاگو يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق ۾ سائنسدانن ڪوئن کي گلوٽين کارايو جنهن ۾ ان ۾ لڪل نقصانڪار اثر سامهون آيا. اهي ماڻهو جيڪي سيليئڪ بيماري (هاضمي ۽ مدافعتي نظام جي دائمي بيماري جيڪا ننڍي آنڊي کي نقصان پهچائي ٿي) ۾ مبتلا ٿين ٿا، انهن ۾ گلوٽين ٿڪاوٽ، هاضمي جا مسئلا ۽ وزن ۾ تبديلي جهڙن مسئلن جي سبب طور سڃاتو وڃي ٿو. هاڻ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاستا، بريڊ، سيريل، پيزا ۽ پيسٽري جهڙن روزاني جي غذائن ۾ ڏٺو ويندڙ هي پروٽين ان جو استعمال ڪندڙن جي دماغ کي به نقصان پهچائي سگهي ٿو. تحقيق جي سربراهه ايسوسئيٽ پروفيسر ايلڪس ٽپس مطابق ڪوئا انسان جي عضون جي مطالعي لاءِ بهترين نمونه هوندا آهن. سندن رت جي گردش، افزائشِ نسل، هاضمو، هارمون ۽ اعصابي نظام انسانن سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو. ان لاءِ امڪان آهي ته جيڪا سوزش اسان ڪوئن ۾ ڏٺي اها انسانن ۾ به ٿي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو