مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان کي وڌيڪ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي وڌيڪ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف 100 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اسٽيٽ  ڪونسل  عدالت ۾ پيش ٿيا. عمران خان طرفان سندس وڪيل بيرسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا. وفاق طرفان ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا ڪئي وئي آهي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت عمران خان کي وڌيڪ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو