مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

غير قانوني اڏاوتن جي شڪايت تي اعظم سواتي جي گھر واري کي نوٽيس جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) فارم هائوس تي غير قانوني اڏاوتن جي شڪايت تي اعظم سواتي جي گھر واري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سي ڊي اي نوٽيس ۾ فارم هائوس کان 7 ڏينهن ۾ غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جيڪڏهن غير قانوني اڏاوتون ختم نه ڪيون ويون ته ڪارروائي ٿيندي. نوٽيس ۾ گڏيل طور تي چئن غير قانوني اڏاوتن جي سرڪاري خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي، چيو ويو آهي ته هي غير قانوني اڏاوت لاءِ ڪيل بيسمينٽ فوري ختم ڪرايو. خط موجب غير قانوني گرائونڊ فلور، ٻه عدد بيسمينٽ ۽ گارڊ رومز ست ڏينهن ۾ ختم نه ڪيا ويا ته سي ڊي اي انفورسمينٽ وڃي مسمار ڪرائيندو. اختيارين جو موقف آهي ته 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان سي ڊي اي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس اماڻي چڪو آهي، پر عملدرآمد نه ڪيو ويو، پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي گھر واري بلڊنگ ڪنٽرول ريگوليشنز جي ڀڃڪڙي ڪئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو