مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو ڪو به ماڻهو اڄ تائين آپگهاتي بمبار نه بڻيو آهي: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جو ڪوبه ماڻهو اڄ تائين آپگهاتي بمبار نه بڻيو آهي، سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ سهپ جو ماحول صدين کان قائم رهيو آهي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 75 رڪني وفد برگيڊيئر طارق نياز جي سربراهي ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، وڏي وزير جو چوڻ ھو ته ڪراچي ڪنهن وقت دنيا جو ڇهون نمبر خطرناڪ شهر هو، اڄ ڪراچي 76 هين نمبر تي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار امن امان جي بحاليءَ بعد صوبي جي ترقيءَ تي ڌيان ڏنو، وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ ھو ته قدرتي آفتن باوجود معيشت کي هٿي ڏني وئي، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ ڪڻڪ جي پوکائي شروع ڪرائي آهي، اميد آهي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن نه ڏسڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو