مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل، گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل، احتساب عدالت توشا خانه ڪيس ۾ ن ليگ سربراهه جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. نواز شريف کي گرفتار نه ڪرڻ جو  حڪم، اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي توشا خانه ڪيس  ۾ وارنٽ معطليءَ بابت درخواست تي ٻڌڻي هلائي، نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل قاضي مصباح چيو ته نواز شريف جي گرفتاري وارنٽ معطلي بابت گذريل ڏينهن درخواست داخل ڪرائي هئي، نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ۽ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، ان ڪري گرفتاري وارنٽ معطل  ڪيا وڃن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو