مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نواز ليگ جو پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نواز ليگ پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ نواز ليگ اتحادي پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو آھي.  پ پ پنجاب جو پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ وفد جي صورت ۾ ماڊل ٽائون پهچندو، جتي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. ن ليگ جي گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ، وزيراعليٰ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي غور ڪيو ويو هو. ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، جنهن لاءِ سمورا آپشنز موجود آهن، پنجاب اسيمبلي گجرات نه سموري صوبي جي اسيمبلي آهي، ڪا به غنڊه گردي هلڻ نه ڏينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو