مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايم سڪس ميگا موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.  ايف آءِ اي ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم، اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد، اي سي نيو سعيد آباد منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ جي برانچ مئنيجر مير محمد سهاڳ جا نالا اِي سِي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. اسڪينڊل جي جاچ لاءِ نوشهروفيروز پهتل جاچ ٽيم ڊي سي آفيس مان اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جاچ ٽيم طرفان ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي اڪائونٽنٽ، پي اي ۽ ٻين روينيو ملازمن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گھرايو ويو. جاچ ٽيم سرڪاري زمين جي کاتن بابت رڪارڊ به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نيشنل بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ کان به رڪارڊ طلب  ڪيو ويو آهي، هن سموري مامري جي جاچ دوران ميڊيا کي ڪوريج کان پري رکيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو