مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿيڻ لڳا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿيڻ لڳا، اسرائيل پاران غزه جي ناڪابندي سبب لکين فلسطيني بک، بيمارين، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. اسرائيلي بمباري ۾ بي گهر ٿيل غزه جا لکين فلسطيني مصر جي سرحد تي گڏ ٿيڻ لڳا. پرڏيهي خابرو ادارن موجب آمريڪا، اسرائيل ۽ مصر متاثر فلسطينين جي لاءِ رفاح جي سرحد کولڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، مصر سان لڳندڙ سرحد رفاح تي هزارين فلسطيني گڏ ٿي ويا، هزارين ماڻهو مصر جي سرحد کلڻ جي انتظار ۾ بيٺل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سرحد کلڻ وقت اسرائيل ڏکڻ غزه ۾ فائربندي تي اتفاق به ڪيو آهي، گڏيل قومن جي انساني امداد واري اداري اسرائيل کي غزه جو ڪڙو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. يو اين آر ڊبليو اَي جي سربراهه فلپ ليزرني چيو آهي ته غزه ۾ زندگيءَ جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي، اسرائيل غزه جو ڪڙو فوري طور ختم ڪري. غزه تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 3 هزار کان وڌي ويو، اسرائيلي فورسز لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين ۽ ايمبولينسن کي به نشانو بڻائڻ لڳيون آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو