مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسڪن ڪينسر جي علاج ۾ اهم اڳڀرائي، سائنسدانن جو ڪمال

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي دواساز ڪمپنين موڊرينا ۽ مرڪ انشورنس طرفان تيار ڪيل نئين گڏيل ويڪسين جي تجربي دوران ڪيترن ئي ماڻهن ۾ اسڪن ڪينسر جي خاتمي جو انڪشاف ٿيو آهي. ٻنهي ڪمپنين اسڪن ڪينسر بابت الڳ الڳ ويڪسينز اڳ ئي تيار ڪيون هيون، جن کي سائنسدانن گڏيل طور تي تيار ڪري مريضن تي ان جي آزمائش ڪئي. ڄاڻايل ويڪسين جي شروعاتي ٽرائل جا نتيجا ڊسمبر 2022ع ۾ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن دوران ڪمپنين 34 مريضن تي ويڪسين جو استعمال ڪيو هو. هاڻ ڪمپنين ويڪسين جي آزمائش جي ٻئي مرحلي جا نتيجا جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته آزمائش دوران ڪجهه مريضن ۾ ڪينسر ختم ٿيڻ جو انڪشاف به ٿيو. ماهرن موجب مجموعي طور ٻنهي ڪمپنين جي ويڪسين کي گڏائي لڳائڻ سان اسڪن ڪينسر ۾ 44 سيڪڙو تائين گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه مريضن ۾ بيماري جي خاتمي جو به انڪشاف ٿيو. تازن نتيجن کانپوءِ ان ئي ويڪسين جو اهم ترين آزمائشي پروگرام شروع ڪيو ويندو ۽ ان جي ڪاميابي کانپوءِ ويڪسين جي عام استعمال جي اجازت ڏني ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو