مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لڪي مروت: صدر ٿاڻي ويجهو دهشتگردن جو حملو، ڊي ايس پي سميت 4 اهلڪار شهيد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

صدر ٿاڻي ويجهو پوليس وين تي دهشتگردن جي حملي دوران ڊي ايس پي سميت 4 اهلڪار شهيد جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ضلعي لڪي مروت جي صدر ٿاڻي ويجهو پوليس وين تي دهشتگردن جديد ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ دوران دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. بارودي مواد ننڍي پل جي هيٺيان لڳايو ويو هو. پل تباهه ٿيڻ سان صدر ٿاڻي جو شهر سان زميني رستو به ڪٽجي ويو. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 4 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي دلي ڏک پهتو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو