مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ليفٽيننٽ جنرل (ر) امجد شعيب اسلام آباد مان گرفتار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد پوليس، ادارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ رٽائرڊ جنرل امجد شعيب کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رٽائرڊ جنرل امجد شعيب خلاف رمنه ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب ماجسٽريٽ اويس خان درخواست ڏني آهي ته هڪ ٽي وي شو دوران تجزيا نگار امجد شعيب سرڪاري ملازمن کي سندن فرض سرانجام نه ڏيڻ لاءِ ڀڙڪايو. ايف آءِ آر ۾ درخواست گذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀاڻي کان ڪير به آفيسن ۾ نه ويندو ته حڪومت سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي، امجد شعيب حڪومت، اپوزيشن ۽ ملازمن وچ ۾ نفرت پيدا ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. گرفتار ڪيل امجد شعيب کي جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو