مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لاهور پوليس جو زمان پارڪ ۾ آپريشن، گرفتاريون شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لاهور پوليس طرفان زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع ڪيون ويون آهن. پوليس جي وڏي نفري زمان پارڪ ٻاهران موجود آهي ۽ آپريشن جاري آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان زمان پارڪ جي اندران پوليس مٿان پٿراءُ شروع ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان زمان پارڪ مان ڪيترن ئي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، زمان پارڪ هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي. لاهور پوليس پاران زمان پارڪ ٻاهران موجود ڪئمپن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ جهڙپون وقفي وقفي سان جاري آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان زمان پارڪ مان اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نڪري ويو آهي، عمران خان جي وڃڻ کانپوءِ پوليس پاران زمان پارڪ ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو، ڪرينون به پهچايون ويون آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو