ڪراچي: شاگردياڻيءَ جي اسڪول جي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش
ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون جي مدينه ڪالوني ۾ ستين جماعت جي شاگردياڻي اسڪول جي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو. پوليس موجب واقعو بلديا ٽائون جي علائقي مدينه ڪالوني ۾ ڪريسنٽ پبلڪ اسڪول ۾ پيش آيو، ستين جماعت جي شاگردياڻي لائبه فاروق اسڪول جي عمارت تان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي علائقي واسين بچائي ورتو، آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ٻارڙي ڪريسنٽ اسڪول ۾ ئي پڙهندي آهي. پوليس موجب 13 ورهين جي ٻارڙي مبينا طور تي گهر ۾ به آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، سومر تي هوءَ اسڪول آئي ۽ شام ۾ هن ٻيهر آپگهات جي ڪوشش ڪئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل سببن جي بنياد تي ٻارڙي اهو قدم کنيو، جڏهن ته پوليس طرفان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟