مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. سائيفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي، ايف آءِ اي جي اختيارين پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل اندر قائم ڪيل اسپيشل ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو.  اطلاعن موجب ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سلمان صفدر به عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي. سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، مٿس سياسي انتقام لاءِ سائيفر ڪيس ٺاهيو ويو آهي، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو