مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جان محمد مهر قتل ڪيس، سمورن جوابدارن جي جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن جي جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. سينيئر صحافي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سمورن 6 جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، جاچ پوليس پاران جوابدار شير محمد شيخ، بشير مهر ۽ رمضان شيخ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي. عدالت پوليس جي تحويل ۾ موجود ٽنهي جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جيل ڪسٽڊي ۾ موجود ٽن جوابدارن بخش علي، بابر ۽ منور مهر جي جڊيشل رمانڊ ۾ به 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو