مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

افغانستان سان گڏيل ڪارروائي ۾ 3 اسرائيلي جاسوس گرفتار ڪيا ويا: ايران

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڊان اخبار ۾ شايع خبر ڏيندڙ اداري ”اي ايف پي“ جي رپورٽ مطابق نشرياتي اداري ٻڌايو ته موساد جي 3 ايجنٽن کي ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ جابلو علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽ ايراني شهريت هئي. انهن گرفتارين جي خبر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتن جي لاءِ پهتل طالبان جي هڪ وفد تهران پهچڻ تي ڏني. سرڪاري ٽيليويزن مطابق 3 اسرائيلي ايجنٽ افغان سرحد کان ايران ۾ موجود هدفن تي ڪاميڪازڊرون حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا. انهن ٽنهي کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ ايران منتقل ڪيو ويو آهي، ان رپورٽ مان سڌو سنئون اهو اشارو ملي ٿو ته اهي اسرائيلي جاسوس افغانستان ۾ موجود هئا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو