مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيل جا غزه تي هوائي حملا، فلسطيني حفاظت جي تلاش ۾

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

(مانيٽرنگ ڊيسڪ) حماس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 70 ماڻهو مارجي ويا آهن، انهن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. غزه شهر کان ڀڄڻ واري قافلي تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ اسرائيل طرفان فوري ڪو به ردعمل نه آيو آهي. الجزيره جي نمائندن ٻڌايو آهي ته هزارين فلسطيني شهري اسرائيل جي وارننگ کانپوءِ اتر غزه کان نڪرڻ شروع ڪيو آهي. اسرائيلي شيلنگ سبب ڏکڻ لبنان ۾ صحافين جي هڪ گروپ تي حملي سبب هڪ رائٽر صحافي مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جن ۾ الجزيره جا ٻه صحافي به شامل آهن. غزه تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,900 فلسطيني مارجي ويا ۽ 7,696 زخمي ٿيا. اسرائيل ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 1300 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3400 زخمي ٿي پيا آهن. والاريل مغربي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جمعي تي 16 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 51 ٿي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو