مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيل طرفان غزه جي ٻي وڏي اسپتال القدس تي به بمباري شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيل، غزه جي هڪ ٻي وڏي اسپتال القدس کي خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ بعد بمباري به شروع ڪري ڏني. فلسطيني ريڊ ڪراس ۽ ٻين تنظيمن جو چوڻ آهي ته اسپتال خالي ڪرڻ ناممڪن آهي، القدس اسپتال ۾ سوين زخمي ٻارڙا موجود آهن. ريڊ ڪراس موجب اسرائيلي بمباري سبب بي گهر ٿيل 14 هزار کان وڌيڪ فلسطينين به القدس اسپتال ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ موجود آهن، القدس اسپتال جي ڀر وارن علائقن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ درجنين فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اسپتال جي ڀروارن علائقن ۾ ڪارروائي دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا آهن، سيو دي چلڊرين تنظيم جو چوڻ آهي ته 2019 کان وٺي هيل تائين دنيا ۾ جنگين دوران ايڏا ٻار نه مئا جيترا غزه ۾ ماريا ويا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو