مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسلام آباد: وڪيل پاران التوا گهرڻ تي جسٽس طارق محمود جهانگيري جو لطيفو، ٽهڪڙا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس ۾ وڪيل پاران التوا گهرڻ تي جسٽس طارق محمود جهانگيري لطيفو ٻڌايو، جسٽس طارق محمود جي لطيفي تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا. جوابدار جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي دوران وڪيل التوا جي استدعا ڪئي، جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته توهان دليل ڏيو ۽ ڪيس ختم ڪيو، التوا ڇو پيا گهرو؟ وڪيل چيو ته مان دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر ڪيس جو فائيل غلطيءَ سان بينچ نمبر 2 ۾ وساري آيو آهيان. جسٽس طارق محمود چيو ته توهان جي ڳالهه تي لاهور جي وڪيل جو لطيفو ياد آيو، لاهور جو وڪيل التوا کانپوءِ ٻئي ڏينهن عدالت پهتو ته عدالت چيو ته دليل ڏيو. وڪيل چيو ته سڄي رات تياري ڪئي هئي، صبح جو منهنجو ٻار ڪيس جو فائيل ٿيلي ۾ وجهي اسڪول هليو ويو، جج جي لطيفي تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو