مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسلام آباد جي عدالت شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد جي عدالت آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سيرا درخواست تي ٻڌڻي هلائي. شيخ رشيد جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شيخ رشيد عمران خان سان ملاقات ڪري آيو هو ۽ هن عمران خان جي بيان جو ذڪر ڪيو، عمران خان بيان ڏنو ان خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي، آصف زرداري پاران عمران خان خلاف رڳو هرجاڻي جي دعويٰ  داخل ڪرائي وئي. پراسيڪيوٽر عدنان دليل ڏيندي چيو ته شيخ رشيد ڪو عام ڏوهه نه ڪيو آهي، ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال ۾ اهڙو بيان ڏيڻ ملڪ ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪائڻ آهي. پراسيڪيوٽر عدنان جو چوڻ هو ته شيخ رشيد پنهنجو ڏوهه  بار بار ورجايو، بار بار هڪ ئي بيان ڏنو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد شيخ رشيد جي ضمانت رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو