مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسحاق ڊار کان ڪنهن ٻئي جو وزير بڻجڻ برداشت ناهي ٿيندو: مفتاح اسماعيل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسحاق ڊار کان ڪنهن ٻئي جو ناڻي وارو وزير بڻجڻ برداشت ناهي ٿيندو، اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بڻجڻ جو وڏو شوق هو. هڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته منهنجي وزارت سنڀالڻ بعد اسحاق ڊار منهنجي خلاف 6 مهينن تائين مهم هلائي ۽ ٽي وي تي پروگرام ڪرائيندو هو. ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو آهي ته وزيراعظم مونکي وزارت تان هٽائڻ نه پئي چاهيو. هن چيو ته اسحاق ڊار نواز شريف کي چيو ته مونکي وزير بڻايو ته پيٽرول سستو ڪندس، مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جهڙي طرح  کيس هٽايو ويو، اُهو طريقو صحيح نه هو، اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان سٺو سياستدان آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو