مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ 16 ڄڻڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس متاثرن جي طبي معائني جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پُراسرار بيماري يا فيڪٽرين جو دونهون؟ ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد ۾ هڪ مهيني دوران 10 ٻارن سوڌو 16 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا اسپتالن ڀيڙا، صحت کاتي جي سفارش تي انتظاميا 10 فيڪٽرين کي سيل ڪري ڇڏيو، 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. صحت کاتي جي ٽيم پاران اڄ متاثرعلائقن جي دوري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن جي چڪاس لاءِ جزا ورتا ويندا. شروعاتي جاچ موجب علائقي ۾ فيڪٽري اندر پلاسٽڪ سوڌو ٻيو سامان ساڙيو ويندو هو، ان جي دونهين سبب ماڻهن جا ڳلا خراب ٿين ٿا ۽ نمونيا ٿئي ٿي، ليبارٽري رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪياماڙي ضلعي ۾ مبينا زهريلي گيس پکڙجڻ سبب فوتگين واري واقعي جو وڏي وزير طرفان نوٽيس ورتو ويو آهي، ڊي جي صحت ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر کاتي کان ڌار ڌار رپورٽون طلب ڪيون ويون آهن، واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو