مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان جي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي: پوليس به تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان گڏ جڊيشل ڪامپليڪس ۾ به پيشي جو امڪان آهي. اڳوڻو وزير اعظم عمران خان عدالت ۾ پيشي لاءِ زمان پارڪ مان قافلن جي صورت ۾ روانو ٿي ويو آهي. عمران خان امڪاني طور تي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ پيش ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي امڪاني پيشي بابت ڪو اطلاع ناهي مليو، اسلام آباد پوليس عدالتي حڪمن تحت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳ جيان طرز عمل اختيار ڪيو ته پوليس به بنا فرق جي ڪارروائي جو دڳ اختيار ڪندي. ٻئي پاسي عمران خان جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ٿيل آهن، 2500 اهلڪار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڀرپاسي ۾ مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ سميت ٻي نفري به موجود آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو