مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان آرمي چيف کي بدنام ڪري رهيو آهي: وزير اعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن وائکي ڪرڻ تي آرمي چيف کي بدنام ڪري رهيو آهي، جنرل عاصم منير ڊي جي آءِ ايس آءِ طور عمران خان جي ڪرپشن تان پردو کنيو هو. وزيراعظم چيو ته آرمي چيف بابت عمران خان جو بيان بيمار ۽ جنوني ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، ڊي جي آءِ ايس آءِ طور جنرل عاصم منير عمران خان جي ڪرپشن سينڊيڪيٽ کي وائکو ڪيو هو. هن چيو ته عمران خان ان ڪري پهرين ئي ڏينهن کان آرمي چيف کي بدنام ڪري رهيو آهي، عمران خان جو بيان 9 مئي جي المناڪ واقعن جو ماسٽر مائينڊ هئڻ جو اعتراف آهي. عمران خان جو بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي پٺيان منصوبابندي عمران خان جي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو