مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فوري طور تي رت روڪڻ واري پٽي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي سائنسدانن هڪ اهڙي پٽي ٺاهي آهي، جيڪا ڌڪ لڳڻ کانپوءِ وهندڙ رت کي فوري طور تي روڪي سگهي ٿي. آمريڪا جي پين اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ ۽ بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ جي اسسٽنٽ پروفيسر عامر شيخي ۽ سندس ساٿي سائنسدانن طرفان ٺاهيل ان پٽي جو نمونو پنهنجي نئين مقالي ۾ پيش ڪيو ويو. پروفيسر عامر شيخي مطابق ڪثرت سان رت جو وهڻ انساني صحت لاءِ هڪ سنجيده نوعيت جو مسئلو آهي. اهڙا ڌڪ جنهن ۾ رت وهي ٿو، ان سبب ٿيندڙ فوتگين جو سبب ڌڪ بدران رت جو وڌيڪ وهڻ هوندو آهي. طبي ميدان ۾ اهڙي بايو مٽيريل جي استعمال جي ضرورت آهي جيڪو فوري طور تي ڌڪ سبب وهندڙ رت کي ڄمائي سگهي. هن پٽي تي موجود جراثيمن کان پاڪ ۽ رت ۾ شامل ٿي ويندڙ ننڍين ننڍين سوئين جو مجموعو پٽي جي سطح تي رت سان رابطو وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو جيڪو رت جي ڄمڻ جي عمل کي تيز ڪري ٿو. هي سوئيون کل سان ڳنڍجي چنبڙي وڃڻ جي خصوصيت رکن ٿيون ته جيئن رت وهڻ جلد بند ٿي وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو