مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آءِ ايم ايف جو جائزو وٺندڙ مشن اڄ پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آءِ ايم ايف جو جائزو وٺندڙ مشن اڄ پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي، ٻن هفتن جي دوري دوران وفد ناڻي واري وزارت، توانائي وزارت، ريگيوليٽري ادارن، اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ صوبائي حڪومتن سان ملاقاتون ڪندو. اطلاعن موجب آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين دوران پاڪستان کي پرڏيهي فنانسنگ بابت پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي آهي، آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪرنسي ايڪسچينج جي معاملي تي به اختلاف موجود آهن. اطلاعن موجب  ايف بي آر آڪٽوبر تائين ٽئڪس اوڳاڙين لاءِ طئه ٿيل هدف کان 66 ارب رپيا وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙي ڪري ورتي، آءِ ايم ايف وفد پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالرن جي ايندڙ قسط ڏيڻ لاءِ سفارش ڪندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو