مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جيڪڏهن هاڻوڪي آدمشماري ڪالعدم قرار ڏني وڃي ته ڇا چونڊون 2017 واري آدمشماري تحت ٿينديون؟ چيف جسٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڇا اها آئيني ضرورت آهي ته هر اليڪشن کان اڳ آدمشماري لازمي هوندي؟ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاران ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيو ته هر اليڪشن کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ لازمي ناهي. چيف جسٽس عابد زبيري کان سوال ڪيو ته آخري آدمشماري ڪڏهن ٿي هئي،؟ عابد زبيري چيو ته آخري آدمشماري 2017 ۾ ٿي هئي.

چيف جسٽس چيو ته ان ۾ ته لکيل هو ته اها عبوري آدمشماري هوندي، ڇا ان کانپوءِ به ڪا حتمي آدمشماري ٿي آهي؟ 2017 جي آدمشماري ته عبوري هئي جيڪا 2018 جي اليڪشن لاءِ هئي، عام چونڊن وارو ڪيس ته ڏاڍو اهم آهي. هن ڪيس جي فوري طور ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ها، هيل تائين ته هن ڪيس جو فيصلو اچي چڪو هجي ها.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو