مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي هارين کي ڪيترا پئسا ملندا: منظور حسين وساڻ ٻڌائي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر هارين لاءِ سنڌ سرڪار پاران اهم فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران ٽئين مرحلي ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي في هاري کي 60 هزار رپيا سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو، منظور حسين وساڻ جو چوڻ آهي ته هڪ ايڪڙ کان ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ 2 لک 34 هزار 313 هارين کي سبسڊي ڏني ويندي. زراعت بابت وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي جي رقم في هاري کي 60 هزار رپيا ڏني ويندي. رجسٽرڊ ھارين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 14.059 بلين رپيا هارين کي ڏنا ويندا،  ھڪ ايڪڙ ۽ ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي هڪ جيتري ئي سبسڊي رقم ڏني ويندي. صوبائي صلاحڪار موجب ٻئي مرحلي ۾ هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي جي رقم ڏيڻ جو به سلسلو جاري آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، غريبن ۽ برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪيون پيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو