مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

راڻيپور واقعي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاهه گرفتار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايس ايس پي خيرپور دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس جي پريشر کان پوءِ قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدار حنا شاهه پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي، حنا شاهه کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو. حنا شاهه فاطمه قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي گهر واري ۽ فياض شاهه جي نياڻي آهي، حنا شاهه فاطمه قتل ڪيس ۾ گذريل مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مان 7 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت حاصل  ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش نه ٿي هئي، جنهن بعد خيرپور پوليس کيس روپوش ڄاڻايو هو. جوابدار اسد شاهه ۽ سهولتڪار امتياز ميراڻي جو جسماني رمانڊ مڪمل، ٻئي جوابدار خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو