مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آئين تحت نگران حڪومت جي مقرري ۽ اليڪشن جي تاريخ تي گورنر ڪنهن جي ايڊوائيس جو پابند ناهي:چيف جسٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چوندن جي حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي جاري آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ آهي ته آئين تحت نگران حڪومت جي مقرري ۽ اليڪشن جي تاريخ تي گورنر ڪنهن جي ايڊوائيس جو پابند ناهي. اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري تي اعتراض واريندي چيو ته عدالتي حڪم مان سپريم ڪورٽ بار جي صدر جو نالو ڪڍيو ويو هو. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن کي اداري طور سڃاڻي ٿي، جيڪو عدالت ۾ لکرايو ويندو آهي اهو عدالتي حڪم ناهي هوندو، ججز جي صحيح بعد حڪم نامو ٺهندوآهي. جسٽس جمال مندو خيل چيو ته آئين تحت صدر ۽ گورنر فيصلي ۾ ڪابينا جي ايڊوائيس جا پابند آهن، ڇا اليڪشن جي تاريخ صدر ۽ گورنر پاڻمرادو ڏئي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو