مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون: صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ تي صحيح ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ تي صحيح ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل، صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ تاريخ تي اتفاق وارو دستاويز صدر جي صحيح بعد سپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 90 ڏينهن اندر چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل صدر عارف علوي سان اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جي ملاقات جا منٽس پيش ڪيا. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين صدر سان ملاقات ڪئي، 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس جي حڪم تي اٽارني جنرل گڏجاڻي جي منٽس تي صدر کان صحيح ڪرائڻ بعد دستاويز عدالت آڏو پيش ڪيو. گذريل ڏينهن صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ملاقات دوران عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو