مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽجي 3 ارب ڊالر جي تمام گهٽ سطح تي پهچي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ جي پرڏيهي ناڻن جي ذخيرن ۾ 92 ڪروڙ 30 لک ڊالر جي وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وٽ موجود پرڏيهي ناڻن جا ذخيرا گهٽجي 3 ارب 67 ڪروڙ 84 ڊالر جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا آهن. تفصيلن موجب هڪ هفتي دوران پرڏيهي ناڻن جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ٻاهرين ادائگين سبب ٿي آهي. ان باري ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفتي دوران ادائگين کانپوءِ ملڪ جا مجموعي پرڏي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب 45 ڪروڙ 32 لک ڊالر رهجي ويا آهن. مرڪزي بينڪ مطابق 3 ارب 67 ڪروڙ 84 ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وٽ موجود آهن جڏهن ته 5 ارب 77 ڪروڙ 48 لک ڊالر ملڪ جي ٻين ڪمرشل بينڪن وٽ موجود آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو