مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو نشر، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي فل ڪورٽ بڻائڻ واريون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ٽي وي تان لائيو نشر، نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 15 رڪني فل ڪورٽ پاران پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪارروائي بابت فل ڪورٽ جوڙڻ جون 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيون ويون آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي جي شروعات ڪندي چيو ته دير سان ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي معذرت ڪيان ٿو، ٻڌڻي ۾ دير عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ سبب ٿي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس کي حل ڪرڻ جو بهترين حل اهو هو ته ان تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي. چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ جوڙڻ بابت پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل سميت 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيون ٿا، سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ سرڪاري ٽي.وي پاران ڪيمرائون لڳايون ويون. چيف جسٽس چيو ته عوام اسان کان 57 هزار ڪيسن جو فيصلو چاهي ٿو. فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ هڪ پائلٽ تجربو ڪيو وڃي. عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جي امڪانن بابت هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو