مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ملتوي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين هلائي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالتي ڪمري ۾ آندو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا. جيل ٻاهران پوليس جي اضافي نفري مقرر، صرف 12 وڪيلن کي جيل ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن اعتراض واريو ته سائفر ڪيس جي ان ڪئمرا ٻڌڻيءَ جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيل آهي. پي ٽي آءِ وڪيلن موجب جيستائين عدالت جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين ايف آءِ اي جي چالان جون ڪاپيون وصول نه ڪنداسين، وڪيلن جي اعتراض سبب عدالت اڊياله جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو