مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري شروع ٿي وئي آهي، 10 ورهين جي مقرر وقت کان 5 سال اڳ شروع ٿيندڙ آدمشماري هڪ مهيني تائين جاري رهندي. ڊجيٽل آدمشماري تحت هر اسٽرڪچر جي جيو ٽيگنگ ٿيندي، گهرن توڙي ماڻهن جي ڳڻپ جو سمورو رڪارڊ روزاني بنياد تي خودڪار نظام ذريعي محفوظ ڪيو ويندو، گهر گهر پهچندڙ ڳڻپ عملو پنهنجي ٽيبلٽس ۾ سافٽ ويئر ذريعي سوالن جا جواب داخل ڪندو. ڪراچي سميت سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 43 هزار 838 ڳڻپ بلاڪس قائم ڪيا ويا، سنڌ جون قومپرست جماعتون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ظاهر ڪري چڪيون آهن. سنڌ ۾ پهرين ئي ڏينهن ڊجيٽل آدمشماري جو عمل رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ عملي پاران سامان ۽ ٻيا وسيلا نه ملڻ جون شڪايتون، اڪثر علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ يا گهٽ اسپيڊ ۽ سگنلن جي ڪم نه ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون. ميهڙ ۾ آدمشماري عملي کي مختلف علائقن ۾ وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ نه ملي سگهي، فيض گنج، صالح پٽ ۽ عمرڪوٽ ۾ ڊوائيسن تي سگنل پهچي نه سگهيا، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به آدمشماري عملي جا ڊوائيس بند پيل آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو