مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يوڪرين ۾ ناڪامي تي جوهري جنگ ٿي سگهي ٿي، روس جي وارننگ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

روس خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين جنگ ۾ ناڪامي ٿي ته جوهري جنگ ٿي سگهي ٿي. روس جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمين ۽ اڳوڻي روسي صدر ديمرتي ميدادوف سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو آهي ته يوڪرين ۾ هلندڙ روايتي جنگ ۾ روس کي شڪست ٿي ته جوهري جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جوهري ملڪ اهڙن وڏن اختلافن ۾ شڪست برداشت ڪرڻ جوڳا نه هوندا آهن، جنهن تي سندن قسمت جو دارومدار هجي. جوهري جنگ بابت بيان روس جي پاليسي مطابق آهي. روس جو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا يوڪرين لاءِ نئون فوجي سامان موڪلڻ جو اعلان ڪندي مغربي ساٿين تي زور ڏنو آهي ته اهي به جديد ٽينڪ ۽ ڳرا هٿيار يوڪرين کي فراهم ڪن. روس ان کان پهرين به ڪيترن ئي موقعن تي جوهري جنگ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو