مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو ڌماڪو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بولان ۾ پاڪستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پوليس موجب بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار سبي ميلي ۾ ڊيوٽي کانپوءِ ڪوئيٽا واپس اچي رهيا هئا، ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 9 اهلڪار زخمي به ٿيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي سي ايم ايڇ سبي منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڪڇي محمود نوتيزئي جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي ثبوتن موجب بولان ڌماڪو خودڪش هو، ڌماڪي بعد بم ڊسپوزل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ ڌماڪي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ويجهو بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو