مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪيس: جسٽس امين ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جو لارجر بينچ ٽٽي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس امين الدين ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت جو لارجر بينچ ٽٽي ويو. سپريم ڪورٽ جو 5 رڪني لارج بينچ جڏهن ٻڌڻي جي لاءِ آيو ته چيف جسٽس پاڪستان چيو ته جسٽس امين الدين خان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي جسٽس امين الدين ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جسٽس امين گذريل ڏينهن جي فيصلي جي حوالي سان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي حوالي سان مان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪريان ٿو. سندس اهڙي بيان کانپوءِ بينچ عدالت جي ڪمري مان اٿي هليو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو