مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اليڪشن ڪميشن توهين ڪيس ۾ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي جنهن ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان وڪيل فيصل چوڌري ۽ اسد عمر طرفان معاون وڪيل پيش ٿيا. اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي غير حاضر رهڻ جي صورت ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 جون  تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو