مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ اڄ 8 ٽيمون ايڪشن ۾ هونديون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

فٽ بال ورلڊ ڪپ جي پنجين ڏينهن 4 ميچون کيڏيون وينديون، مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ نيمار جونيئر به ايڪشن ۾ نظر ايندا، پرتگال جو مقابلو گهانا سان ٿيندو، برازيل جي ٽيم سربيا سان مقابلو ڪندي. ميگا ايونٽ ۾ اڄ گروپ جي ۽ گروپ ايڇ جي ٽيمن جا ميچز ٿيندا، پاڪستاني وقت مطابق ٽپهري 3 وڳي گروپ جي جون ٽيمون سوئٽزرلينڊ ۽ ڪيمرون آمهون سامهون ٿينديون. ٻيو ميچ شام 6 وڳي گروپ ايڇ جو ٿيندو جنهن ۾ يوراگوئي ۽ ڏکڻ ڪوريا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ساڳئي گروپ جو ٻيو ميچ رات 9 وڳي پرتگال ۽ گهانا جي وچ ۾ ٿيندو. گروپ جي جو ٻيو ميچ ۽ ڏينهن جو چوٿون ۽ آخري ميچ برازيل ۽ سربيا وچ ۾ رات 12 وڳي کيڏيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو