مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران فائرنگ، نوشهري واسي مختيارڪار مارجي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران فائرنگ ۾ نوشهري فيروز واسي مختيارڪار اعجاز چانڊيو مارجي ويو. پوليس موجب ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون روزي ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران فائرنگ ڪئي وئي. اينٽي انڪروچمينٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ سان مختيارڪار اعجاز چانڊيو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو. اينٽي انڪروچمينٽ اختيارين موجب فائرنگ سان تپيدار سميت 2 ڄڻا زخمي به ٿيا، جڏهن ته پٿر لڳڻ سان 3 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا. اختيارين جو چوڻ آهي ته اولهه ضلعي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون حددخلين خلاف ڪارروائي لاءِ خط لکيو هو، جيئن ئي عملي ڪم شروع ڪيو ته فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. هوڏانهن اهڙي خبر پوڻ تي نوشهري فيروز ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي ۽ مٺياڻي شھر سوڳ ۾ بند ٿي ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو