مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خيبرپختونخواهه جي علائقي تِيراه ۾ آپريشن دوران دهشتگردن هٿان ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چار ڄڻا شهيد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

خيبرپختونخواهه جي علائقي تِيراه ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چئن شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ڪور ڪمانڊر پشاور سميت فوج جي جوانن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تِيراه ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ليفٽينٽ ڪرنل محمد حسن حيدر سوڌو 4 جوانن شهادت ماڻي. آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، 3 دهشتگرد زخمي، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. فائرنگ ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو، شهيد جوانن ۾ نائڪ خوش دل خان، رفيق خان ۽ لانس نائڪ عبدالقادر شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چئني سيڪيورٽي اهلڪارن بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو