مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بجاراڻي-تيغاڻي خوني تڪرار جي جرڳي جو نوٽيس، ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور منومل کڳيجا جتوئي ھائوس تي ٿيل بجاراڻي-تيغاڻي خوني تڪرار جي جرڳي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. سيشن جج ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کان جواب ۽ جرڳي جا تفصيل طلب ڪري ورتا. مقامي عدالت نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي 2018 ۾ سختي سان حڪم جاري ڪيو ھو ته جرڳا غير آئيني ۽ غير قانوني آھن. ايس ايس پيز ۽ حد جا ايس ايڇ او پابند آھن ته جرڳا ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جرڳا روڪرائڻ ۾ پوليس ڪردار ادا ڪندي. جج نوٽيس ۾ چيو ته جيڪڏھن ايس ايس پي يا حد جا آفيسر جرڳن خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿا ڪن ته ھو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ليکبا ۽ ھنن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ميڊيا جي خبرن مطابق گذريل ڏينھن شڪارپور جي جتوئي ھائوس تي بجاراڻي ۽ تيغاڻي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي 46 قتلن جو جرڳو ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيو آھي. ايس ايس پي شڪارپور کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي جرڳي جي تفصيلن سميت 3 ڏينھن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو